شاهه يقيق قبرستان

شاهه يقيق قبرستان (ڪراچي): هي قبرستان بندر روڊ تي بولٽن مارڪيٽ ويجهو، نيو ميمڻ مسجد لڳ واقع آهي. اصل اها ميمڻ مسجد ٺهيل ئي قديم قبرستان جي هڪ حصي تي آهي، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ ٺاهي وئي. سال 1890ع ۾ لکيل اليگزينڊر ايف. بيلي جيي ڪتاب Kurrachee: Past, Present and Future ۾ اهو لکي ٿو ته “بندر روڊ تان هلندي اسان مسلمانن جي پراڻي قبرستان وٽ پهچنداسين، ان کان پوءِ جانورن جي منڊي، ميونپسل گدام ۽ بولٽن مارڪيٽ اچي وڃن ٿا. هتي بچيل قبرن تي ڪو به ڪتبو سلامت ڪو نه آهي، ان لاءِ هن قبرستان جي تاريخ تي روشني نٿي پوي.” ان بيان جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿئي ٿو ته هن مقام جي شاهه عقيق سان نسبت مشڪوڪ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو